اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان موٽر ??يز تي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سي??يورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ سونپيندي موٽر ??يز تي سي??يورٽي ۽ سرويلنس لاءِ موٽر بائيڪ سروس جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مواصلات واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير عبدالعليم آءِ جي موٽر ??يز پوليس کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سي??يورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ??هي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موٽر وي تي هڪ ئي وقت 30 کان 35 موٽربائيڪس کي مختلف سي??ٽرز ۾ پيٽرولنگ ڪندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ موٽر وي پوليس پنهنجي وسيلن مان بائيڪ سروس شروع ڪري جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، موٽر وي پوليس، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ ضلعي پوليس گڏيل قدمن کي يقيني بڻائي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته موٽر وي جي پاسن کان حفاظتي بند جي تار جي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. وفاقي وزير موٽر وي پوليس جي اختيارن لاءِ قانونسازي ۾ ترميم جي تج??يز پيش ڪئي.هن چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ موٽر وي پوليس کي وڌ کان وڌ ذميواري وٺڻي پوندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙو ميڪنزم اختيار ڪيو وڃي ته موٽر وي تي سفر کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهجي. موٽر وي تي جتي ڏوهه ۽ حفاظتي بند جي تار چوري جا واقعا وڌيڪ آهن انهن جي نشاندهي ڪريو. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته جنهن علائقي ۾ حفاظتي بند جي تار چوري ٿيندي، اتان جو اين ايڇ اي آفيسر ۽ موٽر وي پوليس ذميواري ٿيندي، جن ايرياز ۾ حفاظتي بند جي تار ٽٽي چڪي آهي يا چوري ٿي وئي آهي، اتي نئين حفاظتي بند واري تار جو بندوبست ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته آءِ جي موٽر وي مقامي پوليس سان گڏ حفاظتي بند واري تار چوري جي ڪيسن جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائي، وفاقي وزير مواصلات واري سي??ريٽري کي هڪ هفتي ۾ جامع قدمن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
UK increases number of Chevening scholars from Pakistan
-
PPP to initiate public rallies in Punjab
-
Business as usual at Civil Aviation Authority
-
Armed forces engage terrorists in Balochistan, operation still underway with five killed
-
Zardaris arrival: Alternative routes for citizens heading towards airport
-
پی جی سافٹ ویئر آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ
-
الیکٹرانک تفریحی قابل اعتماد پلیٹ فارم کی اہمیت اور خصوصیات
-
لکی ریبٹ آئیکونک انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: آن لائن تفریح کا بہترین پلیٹ فارم
-
ایم جی الیکٹرانکس اپرائٹ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات
-
ایم جی الیکٹرانکس اپرائٹ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات
-
قابل اعتماد اولمپس بیٹنگ پلیٹ فارم کے گیٹ ویز کی خصوصیات اور فوائد
-
گورنر آن لائن ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد