اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز ش??يف 7 ۽ 8 نومبر تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 بابت سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پر??يهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته چيني قيادت ڪشمير تي پنهنجي اصولي حمايت کي ورجايو آهي. ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز ش??يف چين جي تازي سرڪاري دوري دوران صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ساڻس گڏ هو. هن چيو ته وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي پهريون ٻطرفو دورو هو ۽ هو سي پي سي جي تاريخي 20 هين قومي ڪانگريس کانپوءِ چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن مان هڪ هو. هن چيو ته دوري دوران پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پر??يهي وزير وانگ يي سان پڻ ٻطرفي ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جي بي آر آئي جي فليگ شپ پراجيڪٽ جي طور تي سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي کي تيز ڪرڻ تي مڪمل اتفاق را??ِ آهي جڏهن ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته چين شمسي توانائي جي صلاحيت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن جي حمايت ڪئي ۽ هو پنهنجي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. ان دوري دوران ٻطرفي واپار تي، پاڪستان جي روانگي واپار، خاص طور تي خوراڪ ۽ زرعي مصنوعات کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين گڏيل واپار کي وڌائڻ جي لاءِ تجربن ۽ مهارت جي مٽاسٽا جي لاءِ گڏيل مطالعو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته چين ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ 500 ملين يوان جو اضافي هنگامي امدادي پئڪيج ڏيڻ ۽ مستقبل جي آفتن کي گهٽ ڪرڻ جي لچڪدار انفراسٽرڪچر تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي سپريم ڪوآردينيشن ڪائونسل جي سياسي ۽ سيڪيورٽي بابت قائم گڏيل ورڪنگ گروپ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت وقتي پر??يهي سيڪريٽري جوهر سليم ۽ سعودي عرب جي سياسي معاملن واري نائب وزير ايمبيسڊر ڊاڪٽر سعود بن محمد الساطي ڪئي. اجلاس دوران گڏيل دلچسپي جي وسيع موضوعن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين سياسي ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ پراڻي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وفدن پنهنجي ويجهي پاڙيسريت ۽ وسيع تر خطي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته پاڪستان گذريل هفتي ممبئي ۾ گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي واري ڪميٽي (سي ٽي ڊي) جي اجلاس ۾ پاڪستان جي خلاف ڀارت جي بي بنياد پروپئگنڊه کي واضح طور تي رد ڪيو. ترجمان چيو ته اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي هڪ عوامي تقريب ۾ ڀارتي دفاع واري وزير جي انتهائي غيرذميواراڻي، اشتعال انگيز ريمارڪس جي پڻ سخت مذمت ڪئي آهي. هن والاريل ڪ??مير جي صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته رڳو آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڀارتي قابض فوج پنهنجي رياستي دهشتگردي جي مسلسل ڪ??ررواين ۾ 14 ڪشميرين کي فرضي مقابلن ۽ غيرقانوني حراست ۾ شهيد ڪيو، ڀارتي پوليس، نيم فوجي اهلڪارن ۽ بدنام زمانه نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي پڻ هڪ مهيني دوران والاريل علائقي جي مختلف علائقن ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران 47 ماڻهن کي گرفتار ڪيو جڏهن ته هڪ رهائشي گهر کي تباهه ڪيو ويو. ترجمان چيو ته پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها والاريل ڪ??مير جي حوالي سان پنهنجي ذميواري ادا ڪري. پر??يهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت کي والاريل ڪ??مير جي آبادي کي تبديل ڪ??ڻ جي ان ڪڌي منصوبابندي سان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين تي ان جي بي لگام وحشياڻي ڏاڍ جو ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بيجنگ ۾ ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف ??يڊ?? آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ ورچوئل فارميٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي اهميت جو ذڪر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايس سي او جي پوري خطي ۾ وڌ کان وڌ را??طي جي تعمير سان انٽرا ايس سي او تعاون جي سياسي ۽ اقتصادي امڪانن کي کولڻ ۾ مدد ملندي. پر??يهي وزير پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي اهميت تي پڻ زور ڏنو جيڪو علائقائي را??طن ۽ انضمام ذريعي گڏيل خوشحالي جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ويزن کي مڪمل ڪ??ي ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Honour killing case: NA panel irked by non-submission of challan
-
20m euros allocated to support migration governance: EU delegation envoy
-
Pearson Education honours Pakistan education consultants
-
ECP notifies Syed Waqar Mehdi as senator from Sindh
-
Nawaz doesnt rule out meeting with Zardari in London : One person hell-bent on giving govt sleepless nights
-
Pakistan, Afghanistan discuss way forward after Taliban chiefs death
-
Balochistan passes Rs 287 billion provincial budget
-
Army chief says solving Kashmir issue indispensible for peace
-
Will chant Go Nawaz Go if demands not met: Bilawal
-
Blacklisted Afghan national deported
-
لکی رٹ انٹرٹینمنٹ آفیشل پلیٹ فارم
-
آن لائن ڈیٹا بیس اور آفیشل گیم ویب سائٹ کی مکمل معلومات